خيرپور(ڊ ر) سنڌ جي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته آئون پنهنجي ڳالهه قائم آهيان ته مستقبل ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ پاڪستان هڪ ٿي وينديون. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته وزير اعظم جي سنڌ جي دورن سان صوبي ۾ ڪا به سياسي تبديلي نه ايندي، ڏسون ٿا ته نواز شريف پنهنجي اعلانن تي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿو عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي پارٽي ڪارڪنن سان بهتر سلوڪ ناهي ڪيو جڏهن ته اسماعيل راهو پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اپريل مهيني ۾ وڏي سياسي هلچل ٿيندي، وڏا فيصلا ۽ تبديليون ٿينديون.