پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ بنا سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ پوليس تشدد جي مذمت ڪرڻ تمام سولو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي بنا سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ پوليس تشدد جي مذمت ڪرڻ تمام آسان آهي هڪ بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تشدد کي جرم قرار ڏيڻ هن روايت جي خاتمي ڏانهن پهريون قدم هوندو تشدد جو جيڪو به ذميوار هجي ان کي حساب ڏيڻ لاءِ ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو هن چيو ته تشدد هو ڏوهه آهي جنهن کي قانون سازي ڪري ڏوهه قرار ڏيڻ ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *