اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پنهنجو گهر ڀريندڙن کان عوام لاءِ ڊيم جي رٿابندي هضم نٿي ٿئي. اپوزيشن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ سزائون ٻڌڻ تي اپوزيشن کي عوام ۽ معيشت جي ياد اچي وئي، ڪاش عوام جي تڪليف ۽ معيشت جي بدحالي انهن کي اقتدار ۾ هوندي ياد اچي ها. هن چيو ته انهن معيشت جون پاڙون ڪمزور ڪري ڇڏيون، ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙي ڇڏيو، بي رحمي سان قوم جو سرمايو لٽيندڙ گوڙ ڪري معصوم بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪن. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن اڳواڻ معاشي مسئلن جي حل لاءِ آصف زرداري ۽ نواز شريف خلاف پريس ڪانفرنس ڪن، کين چون ته لُٽيل ناڻو موٽائي ڏيو، ڳالهيون ڪندڙن کان ڊيم جي اڏاوت جو عملي قدم برداشت نه پيو ٿئي.27