پنجويهه نومبر کان اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهيا آهيون: شفقت محمود

اسلام آباد(بيورو)تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حڪومت سومر تي ٿيندڙ سڀني يونٽن جي گڏجاڻي ۾ اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي.رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌندڙ فوتگين ۽ ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت سومر تي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ تجويز پيش ڪندي ته 25 نومبر کان اسڪول بند ڪيا وڃن.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته تجويز آهي ته ڪيمپس جي بجاءِ گهرن تي پڙهائي شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته استاد اسڪول اچن، ٻار آن لائن پڙهائين ۽ جتي آن لائن جو بندوبست ناٿي اتي ٻار هڪ ڏينهن اچي هوم ورڪ وٺي وڃن.ياد رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ سان گڏوگڏ سياري جي موسم ۾ به موڪلون نه ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *