پنجاب4 هزار في مڻ ڪڻڪ خريد نه ڪئي ته مستقبل ۾ فصل نه ٿيندو:ڪسان اتحاد

ملتان ( م ڊ ) چيئرمين ڪسان اتحاد خالد حسين چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت 4 هزار في مڻ ڪڻڪ خريد نه ڪئي  ته مستقبل ۾ ڪڻڪ جو فصل نه ٿيندو.ملتان ۾ هاري تنظيمن جي عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيئرمين ڪسان اتحاد خالد حسين ٻاٽ چيو ته وفاقي حڪومت پاسڪو کي به ختم ڪرڻ واري آهي.موسمياتي تبديلين سبب هن سال ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيندي، حڪومت کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي.چيئرمين ڪسان اتحاد چيو ته پنجاب حڪومت اسان جو ڪو به مطالبو پورو نه ڪيو آهي، اسان پنجاب جي وزير اعليٰ  کان 4 هزار في مڻ ڪڻڪ جو اگهه گهري رهيا آهيون. ، جيڪڏهن نه خريد ڪيو ويو ته ايندڙ ڪڻڪ جو فصل نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪمند جو اگهه به شگر مل مالڪن جي مرضي سان 250 کان 300 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *