ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي شهر هارون آباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي اطلاعات سيڪريٽري شوڪت بسرا تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ شوڪت بسرا زخمي ٿي پيو ۽ سندس سيڪريٽري شهيد ٿي ويو آهي، جاري ٿيل بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ پارٽي اڳواڻن تي حملا کليل دهشتگردي ۽ پارٽي ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تي حملي کان نواز ليگ ۽ ضياءَ جا حواري آجا نٿا ٿي سگهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شوڪت بسرا عوام ۽ جمهوريت جو سپاهي آهي، بزدلاڻن حملن سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ڊيڄاري نٿو سگهجي، بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته انهي دهشتگرد حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.