لاهور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ايراضي تي ڪچين آبادين کي ريگيولرائز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عمران خان جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس پنجاب ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تحريڪ انصاف حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي صوبي ۾ جاري حد دخلين خلاف آپريشن، ڪلين اينڊ گرين پنجاب، پنهنجو گهر اسڪيم ۽ مڪاني نظام تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته اجلاس ۾ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن سيڪٽر ۾ ٽاسڪ فورسز بابت به صلاح مشورو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ڪابينا آبادگارن لاءِ استعمال ٿيل ٽريڪٽر امپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن تي وزيراعظم اها تجويز وفاقي ڪابينا سامهون رکڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم سرڪاري ايراضي تي ڪچين آبادين کي ريگيولرائز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نجي زمينن تي ڪچين آبادين تي عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي ۽ سرڪاري ايراضي تي قائم ڪچين آبادين کي رعايت ڏني وڃي. عمران خان چيو ته حد دخلين خلاف مهم ۾ ڪنهن غريب کي تڪليف نه پهچائي وڃي، جڏهن ته قبضا مافيا خلاف سخت قدم کنيو وڃي، وفاقي حڪومت مڪمل مدد فراهم ڪندي. هن پنجاب ڪابينا کي مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ ۽ هائوسنگ پروگرام تي اعتماد ۾ ورتو، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت پراڻي مڪاني نظام مان خاميون ختم ڪرڻ لاءِ نئون نظام آڻيندي، جنهن جو مقصد عوام جي ڀلائي آهي. وزيراعظم چيو ته نئين مڪاني نظام سان مقامي ماڻهن وٽ هيٺين سطح تي اقتدار هوندو ۽ نئين مڪاني نظام سان ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿيندا، مڪاني نظام ۾ مالي بي ضابطگين تي مڪمل چيڪ هوندو، پنجاب ڪابينا نئين مڪاني نظام بابت وقت سر قانون سازري ڪري. عمران خان چيو ته ننڍي چونڊ تحريڪ انصاف لاءِ ڏاڍي اهميت رکي ٿي، تنهن ڪري ڀرپور عوامي مهم هلائي وڃي، توهان سڀني کي عوام جي خدمت لاءِ محنت ڪرڻي آهي، نظام ۾ بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ٻوٽا پوکڻ ۽ صفائي واري مهم ۾ صوبائي حڪومت ڀرپور ساٿ ڏئي، سرڪاري عمارتن ۽ زمينن کي فائدي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. عمران خان ڪابينا کي هدايت ڪئي ته 100 ڏينهن جي پلان ۾ سمورا هدف وقت تي مڪمل ڪيا وڃن.