پنجاب پوليس کي طلب ڪيو وڃي ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي اچي ويندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڏوهه روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، پنجاب پوليس کي طلب ڪيو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾گهٽتائي ٿيندي. جسٽس آفتاب ڳورڙ ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ جي روبرو اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندر وارداتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. داخل ڪيل درخواست ۾ مزمل ممتاز ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کلي عام شهر ۾ هٿيار کڻي گهمندا آهن پوليس انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، شهر ۾ هڪ دفعو ٻيهر اسٽريٽ ڪرائيم وڌي رهيو آهي، فون کسڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڏوهه روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، ڊي آءِ جيز کان پڇا ڪئي وڃي ته شهر ۾ ڪيترا ڪيس داخل ٿيل آهن، موبائيل فون کسڻ جي اصل انگ لاءِ موبائيل فون ڪمپنين کان به مدد ورتي وڃي،  سپريم ڪورٽ به ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ان بابت حڪم ڏئي چڪي آهي. عدالت ڊي آءِ جيز طرفان جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏيندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن جي ميڊيا تي خبرون ڏسي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، لڳي ٿو ته پوليس جو اهو ئي حال رهيو ته سموري زندگي اسٽريٽ ڪرائيم ختم نه ٿيندو. هن چيو ته پنجاب پوليس کي طلب ڪيو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي نظر ايندي. عدالت 19 فيبروري تي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *