پنجاب سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سموگ جو راج برقرار آهي، جڏهن ته لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي.
باغن جي شهر جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 780 رڪارڊ ڪئي وئي، لاهور ۾ سيد مراتب علي روڊ واري علائقي ۾ اي ڪيو آءِ هڪ هزار 404، آمريڪن قونصليٽ واري علائقي ۾ 826 ۽ ڊي ايڇ اي ۾ 916 رڪارڊ ڪئي وئي.
سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ لاهور جي مختلف علائقن ۾ موبائيل ايئر ڪوالٽي مانيٽرنگ اسٽيشن انسٽال ڪيون ويون، گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ سموگ جي نگراني ڪئي پئي وڃي.
فضائي آلودگي جي لحاظ کان ملتان 799 جي اي ڪيو آءِ ملڪ جي شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته راولپنڊي، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ پڻ زهريلي هوا آهي.
موسميات کاتي سموگ کان پريشان شهرين لاءِ برسات جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، موسميات کاتي موجب، اڄ لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڀڪر، ليه ۽ ڊي جي خان ۾ به گجگوڙ سان گڏ وسڪاري جو امڪان آهي.
سخت ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو، جنهن سبب مسافر سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت لاءِ بند ڪيو ويو آهي، ٽرانسپورٽر سفر دوران فوگ لائيٽ جو استعمال ڪن، رات بدران ڏينهن جو سفر ڪن.