لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير قبضا گروپ ۽ حددخلين جي خلاف ايڪشن وٺندي سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبي ۾ 22 پيٽرول پمپن جي ليز جي نيلامي به ڪئي ويندي. تفصيل موجب لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس رٿيو ويو، اجلاس ۾ قبضا گروپ ۽ حددخلين جي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته قبضا گروپن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي ۽ آپريشن بااثر ۽ طاقتور مافيا کان شروع ٿيندي. پلاٽن يا ايراضي تي قبضي جي شڪايت جي ازالي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي. ايل ڊي ايم ۾ مقرر لاهور پوليس جي نفري کي تبديل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. عثمان بوزدار هدايت ڪئي ته ايل ڊي اي جي بندوبست هيٺ 22 پيٽرول پمپن جي ليز جي نيلامي ڏني وڃي نيلامي جي طريقيڪار تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب عملدرآمد ٿيندو.