پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ لاهور پهرين، دهلي ٻئي ۽ ڍاڪا ٽئين نمبر تي آهي، پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار آهي.
ماحوليات جي عالمي ويب سائيٽ موجب، فضائي آلودگي جي لحاظ سان لاهور پهرين، دهلي ٻئي ۽ ڍاڪا ٽئين نمبر تي آهي.
گدلن ترين شهرين ۾ لاهور جي ائير ڪوالٽي انڊيڪس هڪ هزار 591 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته دهلي جي هوا ۾ گدلاڻ 493 ۽ ڍاڪا جي هوا ۾ 190 پرٽيڪيوليٽ ميٽررز رڪارڊ ڪئي وئي.
تعليمي ادارن جي بندش ۽ خانگي ادارن ۾ 50 سيڪڙو آن لائن ڪم به لاهور کي سموگ جي ڄار مان نه ڪڍي سگهيو.
موسميات کاتي، پنجاب ۾ سموگ سبب پريشان شهرين کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
پنجاب ۾ مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تان موٽرويز کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي