پنجاب جي ضلعي منڊي بهائو الدين ۾ آتشبازي جي سامان جي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي

پنجاب جي ضلعي منڊي بهائو الدين ۾ آتشبازي جي سامان جي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن.

ڦاليه جي علائقي ڪوٽ ڦلي شاهه ۾ هڪ گهر ۾ آتشبازي جي سامان ۾ باهه لڳڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ست زخمي ٿي پيا آهن.

ڌماڪي سبب گهر مڪمل تباهه ۽ ڀر واري گهر جي ڇت به ڪري پئي.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل پهچايو.

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *