پنجاب جي سالياني بجيٽ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ
June 3, 2017 at 7:07 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ): پنجاب اسيمبلي ۾ ناڻي واري صوبائي وزير عائشه غوث، مالي سان 18- 2017ع جي 19 کرب 70 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن دوران مخالف ڌر طرفان نعريبازي ڪئي وئي، پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي عائشه غوث جو چوڻ هو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پنجين بجيٽ پيش ڪرڻ هن لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، هن چيو ته سي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، مسئلن باوجود عوام دوست بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي، عائشه غوث چيو ته منصوبا وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ ۽ بچت حڪومت جي ترجيح رهي، چيني سيڙپاڪار پنجاب ۾ سيڙپڪاري ڪن پيا، سندس چوڻ هو ته وڌيڪ 20 ٻيا ملڪ سيڙپڪاري تي راضي آهن، جڏهن ته هلندڙ سال ان حوالي سان 75 ٺاهه پڻ ڪيا ويا، پنجاب جي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 1970 ارب 70 ڪروڙ رپيا آهن، جنهن ۾ 1017 ارب جا ترقياتي منصوبا شامل آهن، هن چيو ته 635 ارب رپيا ترقياتي پروگرامن تي خرچ ڪيا ويندا، عائشه غوث چيو ته تعليم لاءِ 345 ارب، صحت لاءِ 263 ارب 22 ڪروڙ، خوراڪ لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ناڻي واري صوبائي وزير چيو ته آبپاشي، لائيو اسٽاڪ، ٻيلي ۽ ٻين کاتن لاءِ 140 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.