لاهور ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته پنجاب جي ڪجهه ادارن طرفان عدم سهڪار جون شڪايتون آهن، اها روش مناسب ناهي، اڳتي برداشت نه ڪيو ويندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪامورا شاهي خاص ڪري پنجاب جي ڪجهه ادارن کان عدم سهڪار جي شڪايت آهي، هن وقت تائين کل برداشت ڪيو پر اڳتي عدم سهڪار هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته عدم سهڪار جي روش مناسب ناهي، اها ختم ڪئي وڃي، اڳتي شڪايت مل يته پنجاب حڪومت جي سمورن آفيسرن لاءِ تمام گهڻي ڏکيائي پيدا ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اهو ضروري آهي ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿيڻ بدران ملڪ ۽ قوم جو وفادار ۽ خدمت ڪندڙ ٿيڻ گهرجي. نيب چيئرمين چيو ته نيب جي شاهدن کي هر حال ۾ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي. جاويد اقبال چيو ته جيڪڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته بااثر جوابدار شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سندن ضمانت رد ڪرڻ سميت سمورا اپاءَ اختيار ڪيا ويندا.