پنجاب جا ميداني علائقا اڄ به ڪوهيڙي ۽ سموگ جي لپيٽ ۾ آهن

پنجاب جا ميداني علائقا اڄ به ڪوهيڙي ۽ سموگ جي لپيٽ ۾ آهن، موٽر وي پوليس طرفان مختلف موٽر وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا.

موٽر وي پوليس طرفان جاري پڌرائي موجب، ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر وي ايم 2 کي لاهور کان ڪوٽ مومن تائين، موٽر وي ايم فور کي لاهور کان درخانه تائين ۽ ايم 11 سيالڪوٽ موٽر وي کي سمبڙيال تائين بند ڪيو ويو آهي.

ترجمان موٽر وي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي.

ترجمان موجب، ڪوهيڙي جي موسم ۾ شهري ڏينهن جو سفر کي ترجيح ڏين، صبح ڏهين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين ڪوهيڙي جي موسم ۾ سفر لاءِ بهترين وقت آهي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊرائيور پنهنجي گاڏين جي اڳيان ۽ پويان فوگ لائٽس جو استعمال ڪن ۽ عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *