پنجاب اندر حڪومتي سرپرستي ۾ پختونن خلاف مهم هلي رهي آهي:خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پختونن جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو آهي، پر پنجاب ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ پختونن خلاف مهم هلي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي هميشا وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته هـُو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سان گڏ وفاق جو حامي به آهي پر هن وقت وفاق واضح طور تي قوميتن جي بنياد تي نظر اچي رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پختوننن جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي پر هاڻي اهو چيو وڃي ٿو ته جيڪو پختون آهي اهو شڪي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ تي سڀني بلوچن کي دهشتگرد نه ٿو چئي سگهجي، جيڪڏهن سڀاڻي پنجاب ۾ دهشتگردي ٿئي ۽ چيو وڃي ته پنجابي ملوث آهن ته اهو سراسر غلط هوندو. اپوزيشن ليڊر چيو ته پنجاب ۾ حڪومت جي سرسپتي ۾ پختونن خلاف مهم هلي رهي آهي، هڪ پوليس آفيسر پمفليٽ شايع ڪرايا، پختونن خلاف اهو آپريشن مذمت جوڳو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پنجاب ۾ هڪ قوم کي نشانو بڻائڻ وفاق لاءِ خطرو آهي،کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي،هيءَ وڏي نااهلي آهي، وزيراعظم کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي يقيني بڻائڻ کپي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *