اسلام آباد بيورو) وزيراعظم عمران خان پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگھارن ۾ واڌ جي سمري روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پنجاب جي گورنر کي سمري تي صحيح ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ وڏي وزير کي بل ٻيهر ايوان ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي ڏنل لائف ٽائم سهولتن واري فيصلي تي به نظرثاني جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏي وزير کي سموري زندگي لاءِ گھر ڏيڻ وارو فيصلو مناسب ناهي، لائف ٽائم سهولتن جو مدو وڌ کان وڌ 3 مهينا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. هوڏانهن عمران خان جي خاص مددگار نعيم الحق چيو آهي ته پگھارن ۾ واڌ جو بل پي ٽي آءِ جي سوچ جي ابتڙ آهي، پنجاب جي وڏي وزير جي پگھار وڌائڻ جو سخت نوٽيس ورتو، آئون وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب جي وڏي وزير کي بل واپس وٺڻ جو چيو آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز پگھار وڌائڻ واري بل جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو ته بل لاڳو ناهي ٿيو، گورنر جي صحيح کان پوءِ ئي بل لاڳو ٿيندو، وڏي وزير وٽ اهڙيون ڪي به مراعتون ناهن، جنهن کي اشو بڻايو وڃي. شهباز گل جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي ميمبرن جون پگھارون وڌڻ تي وزيراعظم مايوسي جو اظهار ڪيو، بل ۾ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ رڳو مناسب سيڪيورٽي جو ذڪر آهي، بل کان اڳ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگھار 18 هزار هئي، هاڻي 80 هزارڪئي وئي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبرن جي پگھار هڪ لک 53 هزار رپيا آهي، پگھار جي بل ۾ ڪجهه غلط ٿيو ته ان کي ٺيڪ ڪنداسين، وڏو وزير ۽ وزيراعظم به ذاتي طور تي سمجهن ٿا ته اهو نه ٿيڻ گھرجي ها.