لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي شاليمار روڊ تي پنجاب اسيمبليءَ ٻاهران ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ست ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته پوليس اهلڪارن سميت 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته ڪيمسٽ ايسوسئيشن جي احتجاج دوران ٿيل ڌماڪو آپگھاتي لڳي رهيو آهي، ڌماڪي جي نجتي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن مبين ۽ ايس ايس پي تريفڪ زاهد گوندل سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، ڌماڪي ۾ پوليس هلڪارن سميت 40 ڄڻا زخمي به ٿي پيا آهن جن کي مقامي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، مقامي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، پنجاب اسيمبليءَ ٻاهران پاڪ فوج ۽ رينجرز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، ڌماڪي بابت شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.36