پشاور جي فلور مل کي داعش جي هيڊڪوارٽر طور استعمال ڪر ڻ جو انڪشاف

پشاور(م ڊ): دلا زاڪ روڊ تي قائم ٿيل فلور مل کي داعش جي هيڊڪوارٽر طور استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب پشاور ۾ دلا زاڪ روڊ فلور مل پاڪ فوج، حساس ادارن ، پوليس ۽ سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب فورسز اطلاع تي رات جو فلور ملن تي ڇاپي واريون ڪارروايون ڪيون، جڏهن ته فلور ملن ۾ موجود دهشگردن فورسز تي فائرنگ ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي آهي، ترجمان موجب ڪارروائي ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ٿي آهي ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته فلور ملن کي داعش جي هيڊڪوارٽر جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اهو گروهه ۲۰۰۹ع کان هن وقت تائين انهي مل مان دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪري رهيو هو، جڏهن ته فلور مل مان ڪنٽرول افغانستان مان ٿي رهيو هو، اختيارين چيو ته فلور مل مان باقاعدي طور تي پريس رليز آڊيو ۽ ويڊيو پيغامن کانسواءِ دهشتگردي جي واقعن جي ذميوار جي حوالي سان خبرون به جاري ڪيون وينديون هيون. جڏهن ته ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ڪاررواين سبب منصوبا بندي به انهيءِ جاءِ تان ڪئي ويندي هئي. مقابلي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جن مان هڪ جي سڃاڻپ داعش ڪي پي ڪي جي ڪمانڊر جي طور تي ٿي آهي. جڏهن ته آپريشن ۾ ست سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقابلي دوران استعمال ٿيندڙ هٿيار پشاور ۾ فورس جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ استعمال ٿيا آهن. انهيءَ هٿيارن سان ۱۴ کان وڌيڪ وارداتون به ڪيون ويون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *