پشاور جي دير ڪالوني ۾ مدرسي اندر زوردار ڌماڪو، 8 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

پشاور (م ڊ)) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ ڪوهاٽ روڊ تي مسجد اندر مدرسي جي مرڪزي هال ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 112 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.اکين ڏٺن شاهدن موجب مدرسي جو ٻيو پيريڊ شروع ٿيڻ وارو هو ته اوچتو هال ۾ ويٺل کٿابين وچ ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت هڪ هزار کان 12 سئو ماڻهو مدرسي ۾ موجود هئا.ڌماڪي کانپوءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 72 زخمين کي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 36 زخمين کي نصيرالله بابر ميموريل اسپتال، 2 زخمين کي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۽ 2 کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو.ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب اسان وٽ 7 ڄڻن جا مڙهه ۽ 72 زخمي آندا ويا آهن، شهيدن ۾ ڪو ٻار شامل ناهي، شهيدن جي عمر 20 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 4 ٻار شامل آهن.ترجمان جو چوڻ هو ته زخمين ۾ گهڻا سڙيل آهن ۽ 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ايس ايس پي آپريشنز موجب ڌماڪو ٽائم بم ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو ٿيلهي ۾ رکي مدرسي آندو ويو هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي پر لڳي ٿو ته وڏي منظم طريقي سان اهو ڌماڪو ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي حوالي اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ڌماڪي وقت مدرسي ۾ هڪ هزار کان 12 سئو ماڻهو موجود هئا، مدرسي جو ٻيو پيريڊ شروع ٿيڻ وارو هو ته هال ۾ ويٺل کٿابين وچ ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو. ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن جي لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي تحت شهيدن جي گهر ڀاتين کي 5 لک جڏهن ته زخمين کي 2 لک روپيه ڏنا ويندا.محمود خان جو چوڻ آهي ته پشاور ڌماڪي جي متاثرين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. امن وارو عمل جاري رکنداسين. واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *