پرڏيهي پارليمنٽرين کي دعوت: سنجراڻي ۽ مانڊوي والا ۾ اختلاف وڌي ويا

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پرڏيهي پارليمنٽيرين کي دعوت ڏيڻ واري معاملي تي اختلاف سخت ٿي ويا. سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي پرڏيهي پارليمنٽيرين کي دعوت ڏيڻ تي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به ٻيهر پاڪستان جي دعوت ڏيڻ کان پهرين سينيٽ چيئرمين سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي. ان تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين  کي جوابي خط لکي ڇڏيو. چيئرمين خط 12 نومبر تي لکيو جنهن جو جواب ڊپٽي چيئرمين 14 نومبر تي ڏئي ڇڏيو. صادق سنجراڻي پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته قانون جي موجب پرڏيهي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت رڳو سينيٽ چيئرمين ڏئي سگهي ٿو. پرڏيهي وفد کي پاڪستان آمد جي دعوت رڳو قومي مفاد ۾ ڏني سگهجي ٿي. سنجراڻي چيو ته پرڏيهي پارليمنٽرينز جي پاڪستان آمد تي ڳري رقم خرچ ٿيندي. سينيٽ چيئرمين ڊپٽي چيئرمين کي چيو آهي ته اڳتي لاءِ پرڏيهي وفد کي دعوت ڏيڻ کان پهرين هن کان پڇيو وڃي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي خط جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته توهان جو خط پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڊپٽي چيئرمين چيو ته قانون ۾ ڪاٿي لکيل آهي ته ڊپٽي چيئرمين پرڏيهي وفد کي پاڪستان جي دعوت نٿو ڏئي سگهي.؟ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته حيران آهيان ته توهان چئي رهيا آهيو ته پرڏيهي وفد جو پاڪستان اچڻ قومي مفاد ۾ ناهي. پرڏيهي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهيان ۽ پنهنجي فيصلي قائم رهندس. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو  هن فيصلو ڪيو آهي ته هو سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ عرصي کان پرڏيهي وفد ناهي آيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *