پرڏيهي وزير کي فوجي عدالتن تي مخالف ڌر جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت مخالف ڌر سان ٻيهر رابطي جي هدايت ڪئي آهي.  وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري تي مخالف ڌر سان رابطي تي وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو.  وزيراعظم عمران خان شاهه محمود قريشي کي مخالف ڌر سان ٻيهر رابطي جي هدايت ڪندي چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت مخالف ڌر جا خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ فوجي عدالتن ۾ واڌ جي معاملي تي به ڳالهيون وڌائڻ سميت مخالف ڌر اڳواڻ جتي چاهين کين بريفنگ ڏني وڃي.  پرڏيهي وزير جلد مخالف ڌر سان ٻيهر رابطي جو فيصلو ڪندي چيو ته مخالف ڌر کي مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته پارلياماني اڳواڻن کانسواءِ سموري ايوان کي به بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ بلوچستان مان راجا عامر عباس،  محمود رضا، صلاح الدين مينگل جا نالا تجويز ڪيا،  جڏهن ته نديم قريشي، جسٽس رٽائرڊ عبدالغفور ميمڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ نور الحق قريشي جا نالا شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *