پرڏيهي وزير خواجا آصف جي ڀارتي هم منصب سشما سوراج سان ملاقات

نيويارڪ (اين اين آءِ)پرڏيهي وزير خواجا آصف سارڪ جي قونصل واري وزارت جي اجلاس دوران ڀارتي هم منصب ششما سوراج سان ملاقات ڪئي، خواجا آصف سارڪ وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان سارڪ چارٽر ۽ اصولن تي عمل لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪستان علائقائي للڪارن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سارڪ کي بهترين پليٽ فارم تصور ڪري ٿو. اجلاس دوران پرڏيهي وزير ڀارت جي هم منصب سان به ملاقات ڪئي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ششما سوراج سان سندس ملاقات غير رسمي هئي جنهن ۾ هن ششما سوراج سان ان جي گڙدي جي تبديلي ۽ صحت بابت معلوم ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڪو به اهڙو خاص ذڪر نه ٿيو ٻئي طرف پرڏيهي وزير جي نيو يارڪ ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس روسي هم منصب سرگئي لاروف وچ ۾ ملاقات ٿي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سائيڊ لائين تي ٿيل ملاقات دوران پاڪستان ۽ روس جي پرڏيهي وزيرن افغان تڪرار جي سياسي حل تي اتفاق ڪيو.ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار به موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *