ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس سان پاڪستان جي سياست بدلجي سگهي ٿي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته چونيان واقعي جي هڪ جوابدار جو ڊي اين اي ميچ ڪري ويو آهي. هڪ ٻار جي لاش ۽ 3 ٻارن جي هڏين جا ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو آهي ته تحريڪ انصاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڳڀرائي ڳجهي رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. پي ٽي آءِ کي خطرو آهي ته هي معاملو ڳجهو نه رکيو ويو ته پرڏيهي فنڊنگ معاملي ۾ وڏي پيماني تي ميگاڪرپشن، غيرقانوني ذريعن سان فنڊنگ اچڻ، پرڏيهي اڪائونٽس کولڻ ۽ آمريڪا ۾ ڪمپني رجسٽرڊ ڪرڻ بابت حقيقتون عوام سامهون اچي وينديون.هن چيو ته حقيقتون عوام جي سامهون ايندي ئي پي ٽي آءِ جو پاڻ کي ايماندار ۽ ٻين کي ڪرپٽ سمجهڻ وارو محل پاڻي ۾ لڙهي ويندو. اڪبر ايس بابر جو چوڻ هو ته اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ جي 23 اڪائونٽن جي سڃاڻپ ڪئي آهي. ان مان ڪيترائي اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي هنن ظاهر ئي ناهن ڪيا. روائس بينڪ لنڊن ۾ ان جا 2 اڪائونٽ آهن ان جي پنهنجي فنانس سيڪريٽري ٽي وي تي اچي 2 اڪائونٽن کي مڃيو آهي.اسان ڊينمارڪ ۽ آسٽريليا ۾ انصاف انڪارپوريٽڊ جو ثبوت ڏئي چڪا آهيون ان کان علاوه هن آمريڪا ۾ 2 ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون آهن. تحريڪ انصاف ان 23 اڪائونٽن جي مرڪزي ڪيس کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ چاهي ٿي.