اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستان ۾ آمريڪا افغان طالبان ڳالهين کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مون کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آمريڪا ۽ افغانستان ڳالهين بابت ڪابه ڄاڻ ناهي، طالبان اڳواڻن جي وزيراعظم سان ملاقات جي به ڪا ڄاڻ ناهي. طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا سان ڳالهين جو ايندڙ دور 18 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. طالبان ترجمان ذبيع الله مجاهد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ 17 سالن کان هلندڙ آمريڪي اتحادي فوج ۽ طالبان ۾ هلندڙ ويڙهه ختم ڪرڻ ۽ امن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 18 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو 7 طالبان جو وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو.