اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار پرڏيهه پاڪستانين جي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آءِ ۽ ايس اي سي پي کان سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ناڻي، گهرو ۽ پرڏيهي وزارت کي به سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ لاڳاپيل ادارن جي مدد ڪئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته پاناما ۽ پيرزائيز ليڪس تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي. سپريم ڪورٽ يو اي اي ۽ سوئٽيزر لينڊ ۾ موجود ملڪيتن جا به تفصيل طلب ڪيا ۽ ٻن هفتن اندر تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن کانپوءِ خاص بئنچ ڪندي، سمورا ادارا ۽ وزارت لاڳاپيل اختيارين سان مڪمل سهڪار ڪن.