ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪجهه عنصر ڪراچي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي پويان آهن، پر انهن کي سندن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪورنگي ۾ دارالعلوم ۾ ناليواري عالم دين مفتي تقي عثماني سان ملاقات دوران ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات ۾ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ناصر حسين شاھھ، مڪاني کاتي وارو وزير سعيد غني ۽ اطلاعات بابت وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب پڻ ھئا. ملاقات ۾ وڏي وزير تقي عثماني سان مخاطب ٿيندي چيو ته الله پاڪ اوھان تي ٻاجهه ڪئي ته حملي ۾ اوھان ۽ اوھان جا گھرڀاتي محفوظ رھيا، اوھان تي قاتلاڻي حملي جو مونکي گھڻو ڏک پھتو آھي..ان کانپوءِ وڏي وزير ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تمام گھڻو تڪليف ڏيندڙ واقعو آھي. وڏي وزير واقعي جي سخت مذمت ڪندي ٻڌايو ته ٻه پوليس جا محافظ شھيد ٿيا آھن ۽ اسان وارثن جي ڏک ۾ سڀ برابر جا شريڪ آھيون. ھن شھيد محافظ فاروق بابت چيو ته ھن پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ دشمنن، شھر ۾ امن بگاڙڻ ۽ ڏڦير پکيڙيندڙن جي ڪوششن ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو. هن چيو ته دنيا ۾ ھڪ پيءُ جي کوٽ ڪير به پوراءُ نه ٿو ڪري سگھي.اسان سڀني جو فرض آھي ته شھيد جي گھرڀاتين جو خيال رکون. ھن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پوري ڪوشش ڪندي ته شھيد جي اسپيشل ٻارن جي تعليم، سارسنڀال ۽ کين مالي ڏکائين جو پڻ خيالن رکي ڇوته شھيد سپاھي پنھنجي خاندان سوڌو پنھنجي بيواھ ڀيڻ جي ٻارن جو به اڪيلو ڪمائيندڙ ھو. هوڏانهن پاڪستان ڏھاڙي 23 مارچ جي موقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ مزار قائد تي حاضري ڀري، فاتحه خواني پڙھي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھھ ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ گڏ ھئا. وڏي وزير يادداشت واري ڪتاب ۾ پنھنجا تاثر قلمبند ڪندي قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان 79ھين پاڪستان ڏھاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڏيڻ آيا آھيون. ھن ٻڌايو ته 2019 ڏکيو سال آھي ڇوته اسان کي پاڙيسري ملڪ للڪاريو آھي جنھن تي اسان جي قوم ۽ پاڪستان فوج دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو. ھن ٻڌايو ته اسان کي پنھنجن ھيروز کي ياد رکڻ گھرجي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي قوم کي ائٽمي قوت سان نوازيو ، جڏھن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالوجي ڏني، اسان کي گھرجي انھن کي ياد رکيو وڃي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو ته شھر جون خوشيون جن کي پسند نه آھن اھي ڪراچي ۾ بدامني پکيڙڻ چاھين ٿا، جيڪي تقرير ملڪ کان ٻاھر ويھي ڪن پيا، اسان جي ادارن ۽ پاڪستاني فوج خلاف تقريرون ٿيون، آئون سمجھان ٿو ته اھو انھيءَ جو نتيجو آھي. هوڏانهن وڏي وزير قيدين کي سزا ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو صوبائي جيلن کي اصلاح گهرن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، هن اهي ڳالهيون ڪالهه پاڪستان ڏهاڙي بابت سينٽرل جيل ڪراچي ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پاران ڪوٺايل پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جيلن ۾ اصلاح سان قيدي ڪارآمد، پرامن ۽ ذميدار شهري بڻجي ٻاهر ويندا، قيدين کي 2013 کان ڪابه رعايت نه ڏني وئي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال اوهان نه صرف رعايت ڏيندس پر بچيل عرصي لاءِ قانوني حل جي پڻ ڳولا ڪندس، جيل سڌارا متعارف ڪرائڻ جي گهڻي ضرورت آهي. هن چيوته اسان اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن پر اهو ڪافي نه آهي ۽ هاڻي وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي ته جيئن جيلن ۾ اندروني صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي.. هن چيو ته جيل ۾ قيدين جي ميڙ کي ڏسندي آئون گهڻو پريشان ٿيو آهيان.هن چيو ته اوهان منجهان هر هڪ کي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آزاد، خودمختيار ۽ قابل احترام زندگي گذاريندي ڏسڻ چاهيان ٿو. هن چيوته آئون خوش ۽ مطمئن ٿيندس جڏهن اسان جا جيل ويران ٿيندا.