واشنگٽن( م ڊ )افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل جان نڪولسن چيو آهي ته پرڏيهي ٿاڪ ختم ڪري داعش کي افغانستان ۾ شڪست ڏني ويندي. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي جنرل جان نڪلوسن چيو ته خطي ۾ پاڙيسرين لاءِ اسان جو پيغام آهي ته افغان حڪومت ۽ افغان سڪيورٽي فورسز داعش خلاف وڙهي رهيون آهن، هو اميد ڪن ٿا ته پاڙيسري ۽ خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت ۽ افغان سڪيورٽي فورسز جي داعش خلاف جنگ ۾ سندن حمايت ڪنديون. هن چيو ته آمريڪا ڪهڙي نموني افغان اسپيشل فورسز جي تربيت ڪري رهيو آهي، اسلامڪ اسٽيٽ گروپ جيڪو داعش جي نالي سان مشهور آهي، جوذڪر ڪندي جنرل نڪلسن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان داعش کي شڪست ڏئي سگهون ٿا ۽ مستقبل ۾ کيس شڪست ڏينداسين. هن چيو ته داعش سموري دنيا لاءِ مسئلو آهي ۽ آمريڪا پنهنجي اتحادين سان گڏجي داعش خلاف شام ۽ عراق ۾ جنگ جي قيادت ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ پاڙيسرين لاءِ اسان جو پيغام آهي ته افغان حڪومت ۽ افغان سڪيورٽي فورسز داعش خلاف وڙهي رهيا آهن ته پاڙيسري ملڪ افغان حڪومت ۽ افغان سڪيورٽي فورسز جي مدد ڪن.