پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس 8 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس 8 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٽي رڪني خاص بينچ جي سربراهي جسٽس يحييٰ آفريدي ڪندو جڏهن ته جسٽس ياور علي ۽ جسٽس طاهره صفدر به خاص بينچ جو حصو آهن. اڳوڻي صدر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي وفاقي شريعت عدالت جي عمارت ۾ ٿيندي. خاص عدالت جي رجسٽرار سيڪيورٽي لاءِ ضلعي انتظاميا کي خط لکي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *