پرويز مشرف حديبيا ڪيس ۾ شريف خاندان کي اين آر او ڏنو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري حديبيا ڪيس ۾ شريف خاندان کي اين آر او ڏنو. وزيراعظم عمران خان سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پرويز مشرف حديبيا ڪيس ۾ شريف فيملي کي اين آر او ڏنو، حديبيا ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو خاتمو ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته هيل تائين مني لانڊرنگ بابت سمورن ڪيسن ۾ حديبيا ڪيس جو ماڊل استعمال ڪيو ويو، فرنٽ مينن ذريعي پئسو ٻاهر موڪليو ويو ۽ پوءِ واپس گهرايو ويو. عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي پئسي ۾ اهو ئي ماڊل سامهون آيو آهي، عوام کي قرضي بڻائي ان رقم سان ڪنهن پنهنجون ذاتي تجوريون ڀريون آهن، عوام کي گمراهه ڪندڙن جو اصل چهرو عوام کي ڏيکاريو وڃي. وزيراعظم چيو ته ماڻهو اڄ مهانگائي ۽ ٻاهرين قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، گذريل 10 سالن ۾ ورتل 60 ارب ڊالر ٻاهرين قرض جو حساب وٺڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *