لاهور(م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، جيڪڏهن پرويز رشيد خبر روڪرائي هئا ته چيو وڃي ها ته خبر ڇو روڪرائي وئي، ان کان اڳ مشاهد الله کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو هو، لاهور ۾ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته بي نقاب اصل ۾ خبر ڏيڻ واري کي ٿيڻ گهرجي، جنهن خبر ڏني اهو پرويز رشيد کان وڌيڪ طاقتور آهي، مسلم ليگ ن ڪمزورن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندي آهي.پ پ قومي سلامتي جي نالي تي ڪنهن کي گرفتار ناهي ڪيو، پاناما پيپرز ۾ جن ماڻهن جو نالو آهي انهن خلاف احتساب ٿيڻ گهرجي