پرديسي پکين جو شڪارين پاران غيرقانوني قتل عام نه رڪجي سگهيو،شڪار جاري،وائيلڊ لائيف کاتو اگهور ننڊ ستل
December 6, 2017 at 6:05 pmپنوعاقل ( رپورٽر ) پرديسي پکين جو شڪارين پاران غيرقانوني قتل عام نه رڪجي سگهيو، پاڪستان ۽ ٻين مُلڪن مان ايندڙ پرديسي پکين جي شڪارين پاران بندوقن سان آجيان، ڪيترائي ناياب پکي شڪارين جو شڪار بڻجي ويا، وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار ڊوڪڙ ملڻ ڪري خاموش، حد جي پوليس به منٿلي مقرر ڪري ڇڏي، رهواسين پاران اعليٰ عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، رپورٽ موجب، پنوعاقل تعلقي جي مختلف علائقن سلطانپور، مبارڪپور، ٺڪراٺو، سانگي ۽ ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ پرديسي ناياب پکين جو شڪارين پاران ٿيندڙ قتل عام نه رڪجي سگهيو آهي ايندڙ پرديسي پکين جي شڪارين پاران بندوقن سان آجيان ڪئي پئي وڃي، ڪيترائي علائقن ۾ ايندڙ ناياب پرديسي پکي شڪارين جو شڪار بڻجي رهيا آهن، ان حوالي سان علائقي واسين محمد علي، نور محمد، عبيدالله چنو، سليم ڪنڀر ۽ ٻين ٻڌايو ته پنجاب توڙي سنڌ جي مختلف علائقن کان شڪاري اچي هتي پنوعاقل جي علائقن ۾ غير قانوني طور شڪار ڪري رهيا آهن ۽ روزانو ڪيترائي ناياب پرديسي پکي انهن جو شڪار بڻجي رهيا آهن هنن چيو ته ڪيترائي ناياب پرديسي پکي پاڪستان جي مختلف علائقن سميت ٻين مُلڪن مان هتي اچن ٿا پر افسوس جي هتي پهچڻ شرط ئي انهن جو شڪاري بندوقن جي ڪارتوسن سان انهن جي آجيان ڪن ٿا جنهن جي ڪري هو شڪارين جو شڪار بڻجي وڃن ٿا، هنن چيو ته پنوعاقل جي مختلف علائقن ڳوٺن توڙي ڪچي جي به مختلف علائقن ۾ شڪاري ڌيرا ڄمائي ڇڏيا آهن انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي هو سرعام هٿيارن جي نمائش ڪري غير قانوني طور پرديسي پکين جو شڪار ڪن ٿا هنن چيو ته ( وائلڊ لائيف ) جهنگلي جيوت کاتو توڙي حد جي پوليس به شڪار کان رشوت وٺن جي ڪري خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ انهن کي غيرقانوني طور شڪار ڪرڻ جي کُلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي هو بر پرواهه تي آساني سان پنهنجو غير قانوني شڪار جاري رکن انهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿيندي صرف منٿلي ٽائيم تي پهچي وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته غير قانوني طور پرديسي پکين جو شڪار ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري پرديسي ناياب پکين کي بچايو وڃي ۽ ملوث وائلڊ لائيف جي عملدارن ۽ پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.