پراڻن طريقن سبب ملڪ ڪنگال بڻجي ويو، روزاني 6 ارب وياج تي ڏئي رهيا آهيون: وزيراعظم

ڪوئٽا ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اسان کي ترقي ڏيڻي آهي، ايندڙ چونڊ نه ڏسڻي آهي،  اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي اهڙي هجي جو ملڪ جا سمورا ماڻهو اڳتي اچن،  بلوچستان ۾ فوج سان گڏجي ڪينسر اسپتال بڻائڻ چاهين ٿا. ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي خوشي آهي ته بلوچستان ۾ اهڙو وڏو وزير آهي جيڪو درد رکي ٿو، جڏهن انسان دل جي ڳالهه ڪندو آهي ته اثر ٿيندو آهي، بلوچستان خوشقسمت آهي ته وڏو وزير  ڄام ڪمال آهي.  هن چيو ته پاڪستان پراڻن طريقن تي هلندي ڪنگال ٿي ويو، رڳو وياج جي مد ۾ روزاني 6 ارب رپيه ڏئي رهيا آهيون، رياست جو ڪم آهي ته عوام کي تحفظ، صحت ۽ تعليم ڏي، جڏهن ته ملڪ اشرفيه لاءِ هجي ته عوام محروم ٿي ويندو آهي.  سندس چوڻ هو ته رڳو اليڪشن لاءِ بلوچستان بابت سوچو ويندو آهي، آرمي چيف جي مدد سان ڪارڊيڪ سينٽر بڻايو ويو آهي، علاج لاءِ بلوچستان جي عوام کي ڪراچي وڃڻو پوندو هو.  وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪوئٽا لاءِ ماسٽر پلان بڻائڻ ضروري آهي،  ماسٽر پلان نه هئڻ تي شهرين کي سهولتون نه ٿيون ڏئي سگهجن، بلوچستان ۾ هڪ خوف اهو آهي ته هتان جا ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *