اسلام آباد (بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ۾ دير سان حديبيا ڪيس ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. صحافين سان ڳالهائيندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ۾ دير سبب ڪيس متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته حديبيا پيپلز ملز ڪيس ۾ ان جي ڪري ئي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته نيب چيئرمين جي حيثيت سان عدالتن اڳيان پيش نٿو ٿي سگهان، حڪومت کي نالا ٻڌائي ڇڏيا آهن، هاڻ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ڪيس ۾ نيب طرفان التويٰ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ حقيقتن بابت لائيو شوز تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.