ڪراچي(م ڊ) نقيب الله جي پيءُ آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي پراسيڪيوٽر کي تبديل ڪيو وڃي ۽ هر ٻڌڻي تي جاچ آفيسر جي حاضري يقيني بڻائي وڃي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪس جي ٻڌڻي ٿي هئي ۽ عدالت رائو انوار جي ضمانت واري درخوات تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن جو فيصلو 10 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو جڏهن ته عدالت ڌرين جي وڪيلن کي اڄ جيو فينسنگ رپورٽ تي دليل جي لاءِ طلب ڪيو هو. پوليس مقابلي بابت پوليس جي جيو فينسنس رپورٽ تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيا آهن. پر مقتول نقيب الله جي پيءُ فرديادي جي وڪيل تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته فرديادي جي وڪيل ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر جي خلاف عدلت ۾ درخواست به جمع ڪرائي آهي. رائو انوار جي وڪيل جو چوڻ هو ته رائو انوار مقابلي جي وقت واقعي واري هنڌ موجود نه هو ۽ هو مقابلي بعد پريس ڪانفرنس جي لاءِ پهتو هو. فرديادي جي وڪيل فيصل صديقي عدالت کان درخواست ڪئي ته جاچ آفيسر ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان سهڪار ناهي ڪري رهيو، جڏهن ته جاچ آفيسر ۽ فرديادي جي وڪيل جي ڪري ڪيس خراب ٿي رهيو آهي عدلت هر ٻڌڻي تي جاچ آفيسر جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي. فريادي جي وڪيل دليل ۾ چيو ته جوابدارن فريادي جي پٽ نقيب الله کي بي دردي سان عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، رائو انوار منجنهد 2:41 کان شام 4:48 لڳي تائين واقعي واري هنڌ موجود هو، رائو انوار مقابلي بعد ڪانفرنس ۾ مارجي ويلن جو اعتراف ڪيو ۽ سندس وڪيل به ائو انوار جي مقابلي جي جاءِ تي موجود ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باوجود رائو انوار پيش ٿيڻ بدران مفرور رهيو ۽ اها ڳالهه ان جو ثبوت آهي ته هو نقيب جي قتل ۾ ملوث آهي. ٻئي پاسي نقيب الله جي پيءُ پنهنجي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ جي ذريعي آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نقيب الله قتل ڪيس انتهائ اهم نوعيت جو ڪيس اهي، جوابدارن مدعي ڪيس خان محمد جي پٽ نقيب الله کي بي دردي سان عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي خلاف نقيب الله ڪيس اي ٽي سي ٽو ۾ ٻڌڻي هيٺ اهي ڪيس انتهائي اهم مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي، جوابدار رائو انوا جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي چڪي آهي، ڪيس جو جاچ آفيسر ڪيترين ئي تي پيش ناهي ٿيو جڏهن ته ڪيس جو پراسيڪيوٽر به ناتجربي ڪار آهي جنهن کي ڪيس بابت ڪا به خبر ناهي ۽ هو عدالت کان سهڪار کان به قاصر آهي ۽ سمورين ڳالهين جو فائدو جوابدارن خاص ڪري رائو انوار کي ٿيندو ان ڪري هر ٻڌڻي تي جاچ آفسر جي حاضري يقيني بڻائيوڃي جڏهن ته ڪيس جي پيروي جي لاءِ تجربي ڪار پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو وڃي.