پرائمري اسڪولن ۾ عورت استادياڻين جي تعداد کي وڌايو پيو وڃي: ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي) هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته تعليم کاتي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي اسڪولن ۾ عورت استادياڻين جي تعداد وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صوبي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ سوچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اها حقيقت تسيلم ٿيل آهي ته پرائمري اسڪولن ۾ صرف عورت استادياڻين جي مقرري ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه اڄ هن انڊس ريسورس سينٽر ۽ اوڪسفيم جي زير اهتمام تعليم کاتي سيڪريٽريٽ ۾ اڪيڊمڪ ۽ ٽريننگ ونگ ۾ صنفي يونٽ جي افتتاح جي موقعي تي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسڪولن ۾ شاگرد خاص ڪري شاگردياڻين جي تعداد ۾ اضافي لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن. انهن ۾ ٻارڙين کي ماهوار وظيفا، درسي ڪتابن جي مفت فراهمي ۽ ٻيا قدم شامل آهن ۽ ان سلسلي ۾ بين الاقوامي اداري جو ڪردار قابل تعريف آهي. هن چيو ته معاشري جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ذميواري آهي ته هو صنف نازڪ جو نه صرف احترام ڪن بلڪ انهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي جا ڀرپور موقعا مهيا ڪن، ڇو ته ڪهڙو به معاشرو هن وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جي عورت مردن جي شانه بشانه ڪم نه ڪري. صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته اها ڳالهه خوش آئند آهي ته تعليم کاتي ۾ صنفي يونٽ قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن سان نه صرف صنفي امتياز جي فرق کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ مستقبل لاءِ هڪ جامع لائحه عمل تشڪيل ڪري سگهجي. ان کان اڳ صوبائي وزير صنفي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي انڊس ريسورس سينٽر پاران ڄاڻايل سينٽر جي قيام جا مقصد بيان ڪيا ويا، جڏهن ته اوڪسفيم جي سي اي او به خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *