ڪراچي (پهرين جنوري 2018): سنڌ حڪومت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ذريعي 16.567 ملين آباديءَ کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري رهي آهي جيڪو 35 سيڪڙو بڻجي ٿو، جڏهن ته ان جي ڊرينج واريون رٿائون 12.513 ملين جو احاطو ڪري پئي جيڪا آباديءَ جو 40 سيڪڙو بڻجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت لڳاتار چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي وارو وزير فياض ٻٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري پي ايڇ اِي تميزالدين کيڙو ۽ ٻين لاڳايپل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بابت هڪ نهايت اهم ادارو آهي ۽ اهو نيڪاليءَ جي سهولت جي فراهميءَ جو به ذميوار آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري پي ايڇ اِي کي هدايت ڏيندي چيو ته اوهان (پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو) صوبي جي ماڻهن جي وسيع مفاد ۾ اهو ڪندا آهيو ٻيو ته اوهان وٽ وسيع نيٽورڪ ۽ اسڪيمون آهن. سيڪريٽري پي ايڇ اي تميزالدين کيڙو چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي موجودو اسڪيمن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي مقصدن لاءِ پاڻيءَ جي مجموعي مقدار 340 ايم جي ڊي آهي جنهن مان 122 ايم جي ڊي جر جو پاڻي آهي ۽ باقي 218 ايم جي ڊي سرفيس واٽر آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته جر جي پاڻيءَ جي مقدار ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي ۽ ان جي معيار جي چڪاس ڪرڻ آهي. سيڪريٽري پي ايڇ اي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت صوبي جي 16.567 ملين شهري ۽ ٻهراڙيءَ واري آبادي کي پاڻي مهيا ڪري رهي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ جيڪي آباديءَ جو 53 سيڪڙو آهن. اهڙي ريت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڊرينج نيٽورڪ بڻايو آهي جيڪو 12.513 ملين آبادي جو احاطو ڪري ٿو جيڪو صوبي جي مجموعي آبادي جو 40 سيڪڙو بڻجي ٿو. واضح رهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا سندن ڊرينج ۽ پاڻيءَ جي فراهميءَ جا ادارا آهن انڪري انهن جون سهولتون شمار يا شامل نه آهن. هن چيو ته نئين آدمشماريءَ مطابق صوبي جي مجموعي آبادي 27.888 ملين آهي ان ۾ 24.91 ملين يا 52 سيڪڙو شهري آهي ۽ 22.975 ملين يا 47.98 سيڪڙو ٻهراڙي آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو 31.243 ملين آباديءَ کي خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو سنڌ جي مجموعي آباديءَ جو 24 سيڪڙو بڻجي ٿو. صوبائي وزير پاپوليشن فياض ٻٽ چيو ته هڪ مٺي پاڻيءَ جو زون آهي جتي 148 اربن واٽر سپلاءِ اسڪيمون بشمول 13 آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن انهن ۾ گهوٽڪي ۾ ٻه اسڪيمون، سکر ۾ 4، خيرپور ۾ 22، نوشهرو فيروز ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 7، لاڙڪاڻي ۾ 7، شڪارپور ۾ 7، جيڪب آباد ۾ 7 قمبر ۾ 7، ڪشمور ۾ 3 ۽ دادو ۾ 8 اسڪيمون آهن. 4 آر او پلانٽ قمبر کي ڏنا ويا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته 184 واٽر سپلاءِ اسڪيمون بشمول 13 آر او پلانٽ جي ذريعي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 1.922 ملين آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته جر جي پاڻي جو معيار مٺي پاڻيءَ جو زون آهي جيڪو خراب ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ الڳ اپاءَ وٺڻا پوندا ته جيئن ان جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.