ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪونسل (سي سي آئي) اجلاس اول ته ٿيندا ناهن جيتوڻيڪ ٿي به ويا ته انهن جا منٽس جاري ناهن ڪيا ويندا، گهڻي چيخ ۽ پڪار کانپوءِ جيڪڏهن منٽس ايندا آهن ته انهن ۾ مَٽاسَٽا ڪئي ويندي آهي جيڪو وفاق پاران سنڌ جي عوام سان لڳاتار غير سنجيده رويو اپنايل آهي ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته اسان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندا رهون. اها ڳالهه اڄ هن چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو پاران ڌاٻيجي پمپنگ ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) کي ٻيهر سي پيڪ رٿائن ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. هن چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي گهڻي ضرورت آهي، نئين پمپنگ اسٽيشن مان 600 ايم جي ڊي (ملين گيلن روزانو) پاڻي ڪراچي کي ملندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌاٻيجي پمپ هائوس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان جنهن وقت ڪڍي اسان جي منصوبن جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته هڪ مهيني ۾ اسان چيئرمين صاحب کان ٽئين فيز جي منصوبي جو افتتاح ڪرايو، فلائي اوور ۽ انڊرپاسن جي ڪاميابي کانپوءِ پمپنگ اسٽيشن جو افتتاح ڪيو آهي. وڏي وزير موجوده وزير بلديات ۽ اڳوڻي وزير بلديات ڄام خان شورو کي 100 ايم جي ڊي منصوبي جي پڄاڻي تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته سموري مشينري جرمني کان درآمد ٿي آهي. هن چيو ته پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جي منصوبن جي پڄاڻي اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڻي کي وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ اُپاءُ وٺي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترن ئي رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ حڪومت عملي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي گهڻي ضرورت آهي، هن پمپنگ اسٽيشن مان 600 ايم جي ڊي پاڻي ڪراچي کي مهيا ٿيندو. ڪراچي ۾ فلائي اوور ۽ انڊرپاسن ڪي ڪاميابي کانپوءِ پمپنگ اسٽيشن مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي 1.4 ارب رپيا لاڳت آئي آهي، پمپ هائوس ۾ 4 نوان پمپ پڻ لڳايا ويا آهن. هرهڪ پمپ جي گنجائش 25 ايم جي ڊي آهي. اهڙي ريت شهر کي 100 ايم جي ڊي پاڻي وڌيڪ ملندو. وڏي وزير چيو ته سنه 1959 ۾ تعمير ٿيندڙ پراڻو پمپنگ اسٽيشن اڄ به ڪم ڪري رهيا هئا، پراڻي پمپنگ اسٽيشنن جي گنجائش ۾ گهڻي قدر گهٽتائي اچي وئي هئي.