ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ صوبي ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ وڏي ڪاميابي هوندي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گند مان بجلي پيدا ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻو آهي، اسان کي صوبي ۾ توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اهي ٻئي ڪم ڪيا ته وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته شهر مان روزاني 17 هزار ٽن گند کنيو پيو وڃي، 50 هزار ٽن گند روزاني پلانٽ کي ملي ته 50 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو پلانٽ لڳي سگهي ٿو، 50 ميگا واٽ جا 5 پاور پلانٽ لڳائي سگهجن ٿا ۽ منصوبي سان 250 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ان حوالي سان رٿا بند ڪري.