ڪراچي ( م ڊ ) پاڻي ڪميشن ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ ۾ اڏاوت تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڻي ڪميشن جي ٻڌڻي ڪئي وئي. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي علائقن ۾ اڏاوتن تي مڪمل طور پابندي لڳائي ڇڏي. واٽر ڪميشن قرار ڏنو ته جيستائين ڪنٽونمينٽ ۽ ڊي ايڇ اي وچ ۾ حدن جو تڪرار ختم نه ٿو ٿي تيستائين اڏاوتي رٿائن تي ڪو به ڪم نه ٿيندو. جوائنٽ سيڪريٽري واٽر ڪميشن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ سيوريج بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن موجب ڊي ايڇ اي ۾ 5 کان 6 ايم جي ڊي پاڻي روزاني استعمال ٿيندو آهي پر رڳو 2 ڏهائي 4 ايم جي ڊي جو ٽريٽمينٽ پلانت آهي. ڊي ايڇ اي اختيارين ٻڌايو ته سيوريج کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ محمود آباد ٽرمينٽ پلانٽ سان رٿابندي ڪئي وئي آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه ٽريٽمينٽ پلانٽ جي عدم تنصيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڊي ايڇ اي ۾ اڏاوت جي مڪمل اجازت ڏني وئي آهي پر ڪا مضبوط رٿابندي نه ڪئي ويندي آهي جهڙي نموني توهان گهڙ ماڙ عمارتن جي اڏاوتن جي اجازت ڏئي رهيا آهيو ان لحاظ کان گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم جي ڊي جو پلانٽ هئڻ گهرجي، جيڪڏهن پاڻي گندو ٿي رهيو آهي ته ڊي ايڇ اي سان بچاءَ واري وزارت به ذميوار آهي. واٽر ڪميشن ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي علائقن ۾ اڏاوتن تي مڪمل پابندي هڻندي چيو ته سڀ کان پهريون انهن تي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته هنن ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪيون نصب نه ڪيا.