حيدرآباد(رپورٽر) پاڻيءَ جي سخت کوٽ کانپوءِ سنڌ آفت سٽيل بڻجي وئي، ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب ڪيلن ، انبن جا باغ سڪي رهيا آهن . پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن جي پوکائي سخت متاثر ٿي آهي. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس هڪ ئي وقت ويڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي ، حيدرآباد، سانگهڙ ، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ايوان زراعت جي سنڌ جي سينيئر نائب صدر غلام حسن چاچڙ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب آبادگار مالي بحران جو شڪار آهن. جنهن جي ڪري سموريون بئنڪون هڪ سال لاءِ آبادگارن کان قرض جي وصولي بند ڪن ۽ هڪ سال جو قرض معاف ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته پاڻي جي سخت بحران ڪري آبادگارن جا فصل سڪي ويا ۽ متاثر ٿيا آهن، جنهن جي ڪري ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن سڄي سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته آبادگارن کي بارداڻو نه ملي سگهيو جنهن ڪري آبادگار سرڪاري اگهه 1300 روپيا وٺڻ کان محروم ٿي ويا ۽ واپارين کي 1100 روپين کان 1200 روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏي. جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان پهتو آهي. آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ڪوبه سهڪار نه ڪيو آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر حيدرآباد اصغر خان نوناري، سيد اعجاز نبي شاهه، نبي بخش سٺيو، مير امداد علي، محمد خان ساريجو، آغا خادم حسين شاهه، ڪمال خان نوناري، مير عبدالڪريم ٽالپر، مير سڪندر ٽالپر ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي.1130