پاڻي ورهاست تي بحث، فيصل واوڊا ۽ شاهد خاقان وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسمبلي جي اجلاس دوران آبي وسيلن واري وفاقي  وزير فيصل واوڊا ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ کي پاڻي جو جائز حصو نه ملڻ بابت پيپلز پارٽي جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڪاروائي دوران آبي وسيلن بابت وزير فيصل واوڊا سنڌ جي پاڻي جي چوري جو ذميواري ن ليگ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. فيصل واوڊا چيو ته نواز شريف ٻين صوبن جي حق تي ڌاڙو هنيو ۽ سندن پاڻي چوري ڪيو، ايوان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته گذريل دور ۾ ڪيل پاڻي جي چوري پڪڙي چڪو آهيان. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي اعتراض واريندي چيو ته حڪومت ۾ شامل ماڻهن جي ايمانداري ڄاڻان ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏيڻ وارو انڪشاف ڳڻتي جوڳو آهي جنهن جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. فيصل واوڊا چيو ته پنجاب جو نالو ناهي ورتو، ڪميٽي جي ضرورت ناهي، پاڻ ان جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندس، ن ليگ جي دور ۾ هر شيءَ ۾ چوري ۽ ڌاڙا لڳا آهن جنهن تي شاهد خاقان عباسي چيو الزام لڳائڻا  آهن ته مونکان جاچ شروع ڪريو، اوهان چور چيو ته توهان کي اوهان جي والد کي چوري چوندس. جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته جيڪڏهن شاهد خاقان عباسي مونکي ۽ منهنجي والد کي چور چوي ته اها شاهد خاقان جي پرورش آهي، پيءُ، پٽ، ڌي، ناٺي، مٽ مائٽ ڪٽهڙي ۾ آهن. فيصل واوڊا  ۽ شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ مراد سعيد جي تقرير کانپوءِ ايوان ۾ وڌيڪ گرما گرمي پيدا ٿي. مراد سعيد چيو ته جنهن ماڻهن ملڪ لٽيو انهن جو احتساب ٿيندو، روڪي سگهو ٿا تي روڪيو، سڀني کي خبر آهي ته تصديق ٿيل چور ڪير آهن، سنڌ ۽ بلوچستان جو جيڪو پاڻي چوري ٿيندو آهي ان جا انگ اکر سڀني جي اڳيان رکنداسين. مراد سعيد چيو ته ڪير ڪيڏو به گوڙ ڪري، سڀني کي خبر آهي چور ۽ ڌاڙيل سڳا ڀائر ڪهڙا ڊڪليئر ٿي چڪا آهن. جن ماڻهن سبب ملڪ بحران جو شڪار ٿيو، انهن جو احتساب ڪيو ويندو، پاڪستان کي تبديل ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻو آهي. مراد سعيد مطالبو ڪيو ته جن ماڻهن پاڪستان کي لٽيو انهن کي ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ جو قانون جوڙيو وڃي. فيصل واوڊا جو ايوان کي ٻڌائڻ هو ته پاڻي چوري واري معاملي تي سنڌ حڪومت سان گڏ هلندس ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري ان مسئلي کي حل ڪندس. آبي وسيلن واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي پاڻي لاءِ ڪنهن صوبي ۾ وڃي دل وڏو ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻي پئي ته ڪندس، ٽيلي ميٽرن جو ايشو آهي، پاڻي مينوئل طريقي سان ماپيو پيو وڃي، زباني حڪمن ذريعي ٽيلي ميٽرز بند ڪيا ويا، 58 سيڪڙو پاڻي گهٽ پهچي رهيو آهي جنهن ۾ 44 سيڪڙو چوري ۽ باقي نقصان آهن. ان موقعي تي ن ليگ جي ايم اين اي راڻا ثناءَ الله چيو ته چور چور جون ڳالهيون ڪيون وينديون ته پوءِ مخالف ڌر طرفان گوڙ ته ٿيندو، عمران خان شهباز شريف تي الزام مڙهيا پر عدالتي نوٽيس ملڻ جو جواب نه ڏنو. راڻا ثناءَ الله چيو ته بابر اعواڻ، پرويز الاهي، عليم خان خلاف ريفرنس آهن پر کين گرفتار ناهي ڪيو ويو ، عدالتي فيصلي ۾ نواز شريف کي ڪرپشن الزامن مان آجو ڪيو ويو، جهانگير ترين ئي جعلي مينڊيٽ کي مينيج ڪيو ماڻهن کي جهاز ۾ کڻي بني گالا وٺي آيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *