ميرپورخاص(نمائندن وٽان)طوفاني برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا مختلف شهرن جا دورا، ميرپور خاص ۾ مراد علي شاهه شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سيز جي شرڪت، وڏي وزير جي عملدارن کي طوفاني برساتن ۽ شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ جي دورن تي نڪتل آهي، مختلف شهرن ۾ هُن دورا ڪري ڊي سيز ۽ چونڊيل نمائندن کان برسات جي قدمن بابت بريفنگ ورتي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي نيڪالي بابت ڪا دانهن نه ٻڌندس، امڪاني تيز برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص جي دوري دوران ڪمشنر آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.وڏي وزير چيو ته امڪاني برساتن جي اڳڪٿيءَ کي نظر ۾ رکندي هتي آيو آهيان، آئون اڳ ئي ڊويزنل انتظاميا کي هدايت ڪري چڪو آهيان ته اها سخت برسات جي صورت ۾ نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي ۽ لاڳاپيل سڀني ملازمن جون موڪلون رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڪمشنر چيو ته ميرپور خاص ۾ ٽي ضلعا آهن، جن ۾ ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شامل آهن، برسات کي نظر ۾ رکندي اربن فلڊنگ، ايل بي او ڊي جي نيڪال جو نظام ۽ آبپاشي وارو نظام نيڪال لاءِ بهترين سهولتون آهن.سيد مراد علي شاهه سڀني لاڳاپيل ملازمن جون موڪلون رد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 7 کان 9 آگسٽ تائين برسات جو امڪان آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مڪاني ادارن جا عملدار روڊن تي ڪم ڪندي نظر اچڻ گهرجن.