پاڪ_چين لاڳاپا ڪنهن جي لاءِ خطرو ناهن: اعزاز چوڌري

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا اڄ جا نه پر تاريخي آهن، جڏهن ته روس سان ويجهن لاڳاپن جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا روايتي رهيا آهن، آمريڪا ۾ ميڊيا سان پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه ڪندي اعزاز احمد وڌيڪ چيو ته اسلام آباد خطي جي سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن کي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي خطري جي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي، اعزاز چوڌري وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ٽرمپ انتظاميا سان بهتر لاڳاپا رکڻ جي خواهشمند آهي، ڇو جو عسڪريت پسند تنظيم دائش کي شڪست ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ پاڪستان هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته اسلام آباد پاران روس سان لاڳاپن کي وڌائڻ جو مقصد تحفظ جي يقين ڏيارڻ آهي، هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ به پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ ۾ رمائي ڪاري ۾ دلچسپي ورتي وڃي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *