اسلام آباد (اين اين آءِ) چيني نائب وزيراعظم وانگ يانگ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي ماکيءَ کان مٺي ۽ لوهه کان وڌيڪ مضبوط آهي. چين ۽ پاڪستان گڏ گڏ آهن سومر تي نائب وزيراعظم وانگ يانگ ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ واري مک تقريب ۾ خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چين هميشه پاڪستان جو سٺو پاڙيسري ۽ سٺو ڀائر ملڪ رهيو آهي پاڪستان ۽ چين جو حسن، عمل واري دوستي نسل کان هلندي رهندي. پاڪستان امن، ترقي ۽ استحڪام واري رستي تي هلي رهيو آهي. چين جي نائب وزيراعظم چيو ته ڏکيائين تي ضابطو ڪندڙ پاڪستان ترقي تي گامزن آهي. پاڪستان محنت ڪري خودمختياري ۽ دفاع کي مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته دوستي صرف ۽ صرف حسن واري عمل سان سڄي عمر هلندي آهي. چين پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، چين پاڪستان سان ثقافتي لاڳاپا مضبوط بنائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين ۾ زلزلي جي متاثرين جي مدد ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو تعاون نه ٿا وساري سگهون.پاڪستان مختلف عالمي فورمن تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.