پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائين تي رابطو، ڀارت جي فوجين جا لاش ساڙڻ وارا الزام بي بنياد قرار

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان آرمي ڀارتي فوجين جا لاش پاڪستاني فوج پاران ساڙهن وار ي بي بنياد الزام کي رد ڪندي چيو ته لاش ساڙڻ وارن ڀارتي الزامن والاريل ڪشمير جي صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي ڀارتي فوج اهڙي واقعي جي اندروني طور تي جاچ ڪري لائين آف ڪنٽرول تي امن قائم رکڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرلز ملٽري اپريشنز ۾ معمول جي هفتيوار هارٽ لائين رابطو اڱاري تي ساڍي 11هين وڳي ٿيو ڊي جي ايم او پاڪستان آرمي ڀارتي فوجين جا لاش پاڪستاني فوج پاران ساڙهڻ جي بي بنياد الزام کي رد ڪري ڇڏيو هن چيو ته نه ته ان سيڪٽر ۾ سيز فائر جي خلاف ورزي ڪئي ويئي ۽ نه ئي اسان جي فوجين لائين آف ڪنٽرول کي پار ڪيو. هن زور ڀريو ته ڀارتي فوج اهڙي واقعي جي اندروني طور تي جاچ ڪري ڊي جي ايم او پاڪستان آرمي ڀارتي فوجين پاران لائين آف ڪنٽرول سان بي گناهه شهرين کي نشانو بنائڻ جو معاملو به اٿاريو ۽ ڀارت جي هم منسب کي آگاهه ڪيو ته اهڙي طرح جا واقعا جاري رهڻ تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *