پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي

لاهور (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت جي واٽر ڪميشن جي ڳالهين ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ ڳالهين ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.  پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميسن  ڳالهيون جاري آهن. ڀارت پاڪستان جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي وفد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آبي ذخيرا نه هئڻ سبب پاڻي جو مقدار سمنڊ ۾ ڪري ٿو، ڀات ۾ به موسمي تبديلي سبب پاڻي جي کوٽ آهي. پاڪستان چناب درياءَ تي پڪل ڊل ۽ لوئير ڪلنائي منصوبي تي اعترض ڪيو آهي. پاڪستاني وفد چيو ته پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي پاور پراجيڪٽ سنڌ طاس ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي.  ڀارتي وفد چيو ته تربيلا ۽ منگلا کانپوءِ  پاڪستان ڪو به  وڏو ڊيم نه ٺاهي سگهيو آهي، پاڪستان پنهنجو پاڻ ذخيرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *