پاڪ نيوي جون امن مشقون 2017ع شروع ٿي ويون، افتتاحي تقريب ڪراچي ڊاڪ يارڊ ۾ منعقد ڪئي وئي

ڪراچي(م ڊ) پاڪ نيوي جون امن مشقون 2017ع شروع ٿي ويون، افتتاحي تقريب ڪراچي ڊاڪ يارڊ ۾ منعقد ڪئي وئي،امن مشقن ۾ چين، آمريڪا ۽ روس جا جنگي ٻيڙا حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته 36 ملڪن جا فوجي اڳواڻ ۽ مبصر به شريڪ آهن. پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ پاڪ نيوي جون امن مشقون 2017ع شروع ٿي ويون آهن. مشقن ۾ پاڪستان سميت 37 ملڪن جون سامونڊي فوجون حصو وٺي رهيون آهن. امن مشقن ۾ چين ۽ روس جا 3 – 3 سامونڊي ٻيڙا جڏهن ته آمريڪا جا 4 جنگي ٻيڙا حصو وٺي رهيا آهن. مشقن ۾ آسٽريليا، چين، انڊونيشيا، ترڪي، سريلنڪا، آمريڪا، برطانيا، جاپان ۽ روس جا دستا به سامونڊي اثاثن سان گڏ شريڪ آهن. امن مشقن 2017ع جي افتتاحي تقريب ڪراچي جي ڊاڪ يارڊ ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي مشقن ۾ شامل ملڪن جا قومي جهنڊا هوا ۾ ڦڙڪايا ويا، ڪمانڊر پاڪستان فليـِٽ عارف الله حسينيءَ پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله جو خاص پيغام پڙهي ٻـُڌايو. امن مشقن جي شروعات تي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪ نيوي هميشا سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ ميري ٽائيم خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، کليل سمنڊ ۾ موجوده خطرن کان ڪنهن هڪ ملڪي سرحد کي نه سڄي دنيا کي خطرو آهي. ايڊمرل ذڪاءُ الله چيو ته سمنڊ ۾ دهشتگردي، ڌاڙا، هٿيارن توڙي انساني اسمگلنگ وڌي رهي آهي، سمنڊ ۾ وڌندڙ خطرن کي ڪو به هڪ ملڪ منهن نه ٿو ڏئي سگهي. ياد رهي ته اڄ کان شروع ٿيل امن مشقون 5 ڏينهن تائين جاري رهنديون، جنهن دوران عالمي ميري ٽائيم ڪانفرنس به ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *