ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل برسات کان پوءِ پاڪ فوج ۽ مقامي انتظاميا جي ڪوششن کان پوءِ وڏين ۽ اهم شاهراهن تي جمع ٿيل پاڻي صاف ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات سبب روڊ تلاءُ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا هئا تنهن هوندي ڪيترن ئي اهم روڊن تان پاڻي کي صاف ڪيو ويو آهي. شاهراهه فيصل، آءِ آءِ چندريگر روڊ، خالد بن وليد روڊ، سنڌ اسيمبلي ۽ گورنر هائو ڀرسان مينهن جو پاڻي صاف ڪيو ويو آهي. سوبهراج اسپتال جي ٻاهران پاڻي صاف ڪيو ويو آهي تنهن هوندي وڏين شاهراهن ڀرسان علائقن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي موجود آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي ۽ رينجرز جون 15 ٽيمون ڊي واٽرنگ آلن سان گڏ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ سول انتظاميا سهڪار ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب غريب آباد ۽ لياقت آباد انڊر پاس مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته لياقت آباد انڊر پاس، ناظم آباد انڊر پاس، سرجاني سيڪٽر 4 بي، يوسف ڳوٺ ۽ اجتماع گاهه منگهو پير مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي.