پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ مڪمل امن لاءِ قدم جاري رکڻ جو عزم

راولپنڊي: (م ڊ)  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ آپريشن ردالفساد جي اڳڀرائي سميت ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 221 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي.ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ آپريشن ردالفساد جي اڳڀرائي سميت ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ مڪمل امن جون ڪوششون جاري رکڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ سمورن قدمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *